اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته سياحت جي شعبي جي فروغ سان نه رڳو پاڪستان ۾ رهندڙ ماڻهن کي تفريح جي معياري سهولت ميسر ايندي پر سڄي دنيا مان ماڻهو پاڪستان جو رخ ڪندا جنهن سان سياحت سان جڙيل سيڪٽرز کي فروغ ملندو ۽ نوجوانن لاءِ نوڪرين جا بي شمار موقعا پيدا ٿيندا، اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ سياحت جي فروغ ج?? حوالي سان منعقد هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ وز??راعظم جي خصوصي مع??ون سيد ذوالفقار عباس بخاري، خصوصي مع??ون ڊاڪٽر فردوس عاش اعواڻ ۽ ٻين سينئر آفيسرن به شرڪت ڪئي.