اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف اڄ ٿرپارڪر سنڌ جي هڪ ڏينهن جي دوري دوران تاريخي منصوبن جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف ٿرپارڪر ۾ 1320 ميگاواٽ شنگهائي اليڪٽرڪ ۽ 330 ميگاواٽ ٿل ??وو?? پاورت پلانٽ منصوبن جو افتتاح ڪندو. ٿر جي ڪوئلي سان هلندڙ انهن منصوبن سان ساليانو 11.24 ارب رپيا گهٽ لاڳت بجلي جا يونٽ پيدا ٿيندا. 3.53 ارب ڊالر جي م??موعي سڌوسنئون سيڙپڪاري سان تعمير ٿيندڙ انهن منصوبن جي افتتاح سان ٿر جي ڪوئلي سان بجلي جي موجوده پيداوار وڌائي 3300 ميگاواٽ ٿي ويندي. گذريل چئن سالن ۾ انهن منصوبن کي تعطل جو شڪار رکيو ويو. وزيراعظم م??مد شهباز شريف جي هدايت تي انهن منصوبن جي پڄاڻي کي اولين ترجيح بڻايو ويو. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب به ڪندو.