اسلام آباد – 29 س??پٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۾ تاريخي خطاب کانپوءِ اڄ آچر ڏي??هن وطن واپس پهچندو. هن گڏيل قومن ۾ مسلمان امت ۽ مظلومن جو آواز بڻجي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو، تحريڪ انصاف جا اڳواڻ، ڪارڪن ۽ ڪابينا ميمبر وزيراعظم جو استقبال ڪندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم جي ٽپهر ساڍي 3 وڳي پهچڻ جي اميد آهي ۽ ان جا دي??انا هوائي اڏي تي کيس ڀليڪار چوندا.