اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ فٽبال جي فروغ لاءِ عالمي معيارن کي اختيار ڪرڻ ۽ رانديگرن جي هر سطح تي ڀرپور حوصلا افزائي ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان حوالي سان عالمي حصيدارن سان رابطو وڌائڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان فٽبال فيڊريسن جي لاءِ فيفا جي مقرر ڪيل نارملائيزيشن ڪميٽي کي ملڪ ۾ فٽبال جي معاملن بابت مسئلن جي حل لاءِ پنهنجون ڪوششون ??يز ڪرڻ گهرجن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ پاڪستان جي مردن ۽ عو??تن جي ??وم?? فٽبال ٽيمن جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات دوران فيفا جي مقرر ڪيل نارملائيزيشن ڪميٽي جو چيئرمين هارون احمد ملڪ ۽ ڪميٽي جا ميمبر پڻ موجود هئا. صدر رانديگرن جي آجيان ڪندي چي?? ته پاڪستان ۾ فٽبال ڪافي مقبول آهي ۽ ملڪ ۾ ان راند جا لکين شائقين آهن، فٽبال کي ضلعي ۽ ڪلب جي سطح تي فروغ ڏنو وڃي. هن رانديگرن تي زور ڏن?? ته اهي پنهنجي ڪارڪردگي سان پنهنجو ملڪ جو وقار بلند ڪرڻ ۽ تشخص کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪن ڇ?? ته اهي راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جا سفير آهن. هن وڌيڪ چي?? ته کيس رانديگرن مان تمام گهڻيون اميدون آهن ته اهي علائقائي ۽ عالمي مقابلن ۾ پنهنجي ملڪ جي قيادت ڪندا. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪي?? ته پاڪستان فٽبال فيڊريسن (پي ايف ايف) جي اندروني سياست ان جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته فيفا جي مقرر ڪيل نارملائيزيشن ڪميٽي جي مدد سان پي ايف ايف جي ڪارڪردگي ۾ واضح بهتري ايندي. فيفا جي مقرر ڪيل نارملائيزيشن ڪميٽي جي چيئرمين هارون احمد ملڪ صدر کي بريفنگ ڏني ته پاڪستان ۾ 70 لک کان وڌيڪ ماڻهو فٽبال کيڏن ٿا، فيڊريسن جي انتظام کي بهتر بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن ٻڌاي?? ته عو??تن جي ??وم?? ٽيم 8 سالن کانپوءِ ۽ مردن جي ??وم?? ٽيم 4 سالن کانپوءِ پنهنجو پهريون عالمي مئچ کيڏيو آهي. هن وڌيڪ چي?? ته هيستائين ملڪ جي 163 ضلعن مان اٽڪل 4600 ڪلب رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن ۽ دستاويز ۽ فزيڪل اسڪروٽني جو عمل مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو وي?? ته مردن جي ٽيم 2026ع فيفا ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز ۾ شرڪت ڪندي جڏهن ته عو??تن جي ??وم?? ٽيم هن سال پيرس 2024ع جي اولمپڪس ڪواليفائرز ۾ کيڏندي.