ا??لا?? آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي سان عالمي سطح تي پيادل سفر ڪندڙ پاڪستاني شهري کرل زاده ڪسرت راءِ ملاقات ڪئي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري ??يان موجب ??در ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ٻين سماجي موضوعن خاص طور تي بريسٽ ڪينسر، پوليو ۽ خصوصي ماڻهن جي حوالي سان به پيادل سفر ڪري ??گاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ??در ڊاڪٽر عارف علوي پيادل سفر ڪرڻ ذريعي پاڪستان جو مثبت تاثر اجاگر ڪرڻ تي کرل زاده ڪسرت راءِ کي ساراهيو. کرل زاده ڪسرت راءِ پيادل سفر ۾ سهولتن جي لاءِ حڪومتي تعاون جي درخواست ڪندي چيو ته 29 ملڪن جو دورو ڪري چڪو آهيان، پيادل سفر ڪري مختلف سماجي مسئلن تي آگاهي پيدا ڪندو آهيان. امن، انساني حقن ۽ بين المذاهب هم آهنگي جهڙن مضمونن تي پيادل سفر ڪيو. هن چيو ته سماجي مضمونن تي آگاهي لاءِ هيستائين 16 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ پيادل سفر ڪيو آهي.