آديامان (ترڪيه) – 17 – فيبروري (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه جي زلزلي متاثري?? جي امداد اسان جو فرض آهي، ترڪيه هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان به هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي ترڪ ڀينرن ۽ ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏيندو، ترڪيه پاڪستان جو پراڻو دوست ۽ ڀائر اسلامي ملڪ آهي، سرديءَ جي موسم لاءِ پاڪستان مان اعليٰ معيار جا خيما تيار ڪري فوري طور تي ترڪيه موڪليا ويندا، ترڪ عوام صدر رجب طيب اردوا?? جي قيادت ۾ الله جي مدد سان ان بحراني صورتحال مان جلد نڪري ايندي، ترڪيه سان گڏجي ان مشڪل جو مقابلو ڪنداسين. و??ير??عظم محمد شهباز شريف انقره کان آديامان پهتو. و??ير??عظم جو آديامان هوائي اڏي تي ترڪ واپار واري وزير مهمت موش، مواصلات ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير عادل اسماعيل اولو، آڊياما?? جي گورنر مهمت چوهادار، ترڪ پارليامينٽ ۾ ترڪيه پاڪستان فرينڊشپ گروپ جي صدر علي شاهين ۽ ترڪ سفارتي عملدارن استقبال ڪيو. و??ير??عظم زلزلي سٽيل?? جي لاءِ پاڪستان پاران موڪليو ويندڙ امدادي سامان ترڪ عملدار?? جي حوالي ڪيو. پاڪ فضائيه جو خصوصي جهاز ترڪيه جي زلزلي متاثري?? جي لاءِ آڊيامان پهتو هو. آديامان ترڪيه ۾ تازي زلزلي سان سڀ کان وڌيڪ ٿيندڙ شهر آهي. و??ير??عظم آڊيامان ۾ ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پاڪستاني ريسڪيو ٽيمن سان ملاقات پڻ ڪئي ۽ زلزلي متاثري?? جي ريسڪيو جي لاءِ انه?? جي ڪوششن ۽ محنت کي ساراهيو. و??ير??عظم پاڪ فوج ۽ ريسڪيو 1122 جي اهلڪار?? جي امدادي ڪاررواين کي ساراهيو. و??ير??عظم ان موقعي تي زلزلي متاثرين سان انه?? جي پيار?? جي وڇڙي وڃڻ تي تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو. هن متاثرين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو پاڪستا?? جي عوام ۽ حڪومت پاران پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ يڪجهتي جي اظهار لاءِ هتي آيو آهي، پاڪستان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ترڪ ڀينرن ۽ ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏيندو، ترڪيه پاڪستان جو پراڻو دوست ۽ ڀائر اسلامي ملڪ آهي، پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ کانپوءِ ترڪ خاتون اول امينه طيب اردوان پاڻ متاثري?? جي لاءِ فنڊ ريزنگ ڪئي، ترڪيه پاران پاڪستا?? جي ٻوڏ متاثري?? جي لاءِ فضائي ۽ زمزني رستن سان ڀرپور امداد پهچائي وئي، اسان اهو جذبو ڪيئن وساري سگهون ٿا جڏهن ترڪ قيادت، حڪومت، واپارين سميت هر طبقي پاڪستا?? جي ٻوڏ متاثري?? جي ڀرپور مدد ڪئي، ترڪ صدر پاڻ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو. و??ير??عظم چيو ته ان کان اڳ پاڪستان مان 500 ٽن امدادي شيون جن ۾ خيما، ڪمبل ۽ خوراڪ ۽ دوائون شامل هيون موڪليون ويون. ترڪيه جي صدر سان ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو آهي ته پاڪستان مان هاڻي سردين جا خيما موڪليا ويندا. و??ير??عظم چيو ته هو اڄ شام پاڪستان پهچڻ کانپوءِ خيما ٺاهيندڙن سان ملاقات ڪري انهن کي هدايت ڪندو ته اهي سردين جا معياري خيما هنگامي بنيادن تي بنا وقت ضايع ڪرڻ جي تيار ڪ?? جيڪي فضائي، سامونڊي ۽ زمزني رستن ذريعي ترڪيه موڪليا ويندا. هن اين ڊي ايم اي چيئرمين کي ان سلسلي ۾ ٽاسڪ پڻ ڏنو. متاثرين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي و??ير??عظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هڪ الله، هڪ رسول ۽ هڪ قرآن کي مڃيندڙ هڪ جان ٻه دلين وانگر آهن، جهڙي طرح ترڪيه پاڪستا?? جي ٻوڏ متاثري?? جي مدد ڪئي اهڙي طرح هاڻي پاڪستان به پنهنجي ترڪ ڀائر?? جي امداد لاءِ متحرڪ آهي. و??ير??عظم چيو ته ترڪ عوام مشڪل جي هن گهڙيءَ مان جلد نڪرندو. و??ير??عظم چيو ته هو عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت ٻين عالمي فورمز کان اهو مطالبو ڪري ٿو ته دنيا ترڪيه جي زلزلي متاثري?? جي امداد لاءِ اڳتي اچي، هي وقت سياست يا ذاتي مفادن جو نه آهي پر متاثري?? جي بقاءَ جو سوال آهي، اسان پراعتماد آهيون ته جلد ترڪيه هن مشڪل صورتحال مان نڪرندو. هن چيو ته هو اسلامي تعاون تنظيم جو خصوصي اجلاس گهرائڻ جي حوالي سان پڻ او آءِ سي سيڪريٽري کي تجويز ڏيندو. هن چيو ته اڄ وقت آهي ته اسان متحد ٿي ترڪيه جي مدد ڪريون، پاڪستان جا ماڻهو ترڪ زبان جڏهن ته ترڪيه جا ماڻهو اردو زبان کان واقف نه هجڻ جي باوجود هڪ ٻئي جو ڏک درد سمجهن ٿا. ان موقعي تي زلزلي متاثرين پاڪستان زندهه آباد جا نعرا هنيا، متاثرين و??ير??عظم کي پنهنجي وچ ۾ ڏسي ان جا ٿورا مڃيا.