اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف نيشنل انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي (نيڪا) جي نئين سر بحالي، ??ڌارن ۽ ان جي صلاحيت ۾ اضافي جو وڏو فيصلو ڪندي اڳوڻي و??ير??عظم شا??د خاقان عباسي جي سربراهي ۾ بين الوزارتي اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ توانائي جي بچت لاءِ قدمن تي جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ و??ير??عظم نيڪا جي ڪارڪردگي ۽ ان ۾ موجود خامين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ وسيلن جو تمام گهڻو زيان ٿي رهيو آهي ۽ ادارا بند پيا آهن. و??ير??عظم هدايت ڪئي ته نيڪا کي فوري طور تي فعال بڻائڻ جي لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي قدم کڻي ۽ نيڪا جي افرادي قوت ۾ اضافو ڪندي شفافيت جي رخ کي مٿانهون رکيو وڃي. و??ير??عظم نيڪا جي ماهرن جي تعميراتي، ??نعتي، مواصلات، پاور ۽ زراعت جي شعبي ۾ توانائي جي ڀرپور بچت جي لاءِ وزارتن کي حڪمت عملي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي نيشنل انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي (نيڪا) جي موجوده صلاحيت ۽ ان جي مينڊيٽ جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيڪا جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ ڪي خاطرخواهه قدم نه کنيا ويا. اجلاس کي نيڪا جي بجيٽ جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته قومي نيشنل انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن پاليسي جو مسودو تمام جلد ڪابينا اجلاس ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو. و??ير??عظم نيڪا جي سڌارن جي حوالي سان ٺوس منصوبابندي ڪري ضروري قدمن جو وقت مقرر ڪرڻ ۽ ان??ن قدمن کي مقرر مدي ۾ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي و??ير??عظم شا??د خاقان عباسي، وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خرم دستگير خان، و??ير??عظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاونين جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.