اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي تعاون تنظيم جي اي سي او ڪائونسل آف منسٽرز جي 26 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 25 جنوري تي ازبڪستان ??ي گادي واري شهر تاش??ند جو سرڪاري د??رو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پرڏيهي وزارت ۾ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ان تقريب جو ٿيم ”رابطن کي مضبوط بڻائڻ جو سال“ آهي. جيڪو پاڪستان جي لاءِ ??صوصي دلچسپي ۽ ا??ميت رکندڙ آهي.