اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان عالمي ڪانفرنس 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ ٿيندي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ڪانفرنس جي گڏيل طور تي ميزباني ڪندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مو??ب عالمي ڪانفرنس تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ متاثر علائقن ۾ مو??مياتي لحاظ کان هڪ لچڪدار ۽ بهتر انداز ۾ نئين سر تعمير جي لاءِ پاڪستان ج?? عوام ۽ حڪومت جي لاءِ عالمي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم طور تي ڪم ڪندي جهڙي نموني ملڪ ريسڪيو ۽ ريليف جي مرحلي مان بحالي ۽ نئين سر تعمير جي اهم ڪم طرف وڌي ر??يو آهي. پاڪستان ان ڪانفرنس ۾ ريزيليئنٽ ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (4 آر ايف) پيش ڪندو جيڪو ان فريم ورڪ کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري جو خواهشمند آهي. ان ۾ کليل، شفاف ۽ گڏيل تعاون سان گڏ ان کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ مالياتي طريقيڪار ۽ اداراجاتي انتظام شامل آهن. ڪانفرنس جي پروگرام ۾ هڪ اعليٰ سطحي افتتاحي سيشن شامل هوندو جنهن ج?? سربراهي وزيراعظم ۽ گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري ڪندا، ان کانپوءِ 4 آر ايف دستاويز جو باضابطا افتتاح ٿيندو ۽ پارٽنر سپورٽ جا اعلان ٿيندا. وزيراعظم ۽ گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل گڏيل طور تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندا. ڪانفرنس ۾ وزيراعظم پاڪستان ترقياتي حصيدارن ج?? تعاون سان ٻوڏ کان متاثر آبادي جي بحالي ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ ملڪ کي وڌيڪ متحرڪ ۽ پائيدار اقتصادي ترقي جي ماڊل طرف منتقل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ج?? ويزن ج?? خاڪو پيش ڪندو. پاڪستان جا وفاقي وزير فريم ورڪ دستاويز جي وضاحت ڪندا ۽ مو??مياتي لچڪ ۽ مو??فقت جي لاءِ پاڪستان ج?? ڊگهي مدي وارو منصوبو پڻ پيش ڪندا. ان کانسواءِ چئني صوبن ج?? موقف لاڳاپيل صوبائي نمائندا بيان ڪندا. ڪانفرنس ۾ ملڪي ۽ حڪومتي سربراهه، وزير ۽ ڪيترن ئي ملڪ جا اعليٰ سطحي نمائندا ۽ عالمي مالياتي ادارن، فائونڊيشنز ۽ فنڊز سان گڏوگڏ عالمي ترقياتي تنظيمون، نجي شعبا، سول سوسائٽي ۽ آءِ اين ج?? اوز جا نمائندا شرڪت ڪندا. اها ڪانفرنس 4 آر ايف دستاويز جي بنياد تي پاڪستان ج?? دوستن ۽ ترقياتي حصيدارن سان ڊگهي مدي واري حصيداري قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ پاڪستان ج?? عوام سان عالم?? يڪجهتي جي اظهار طور ڪم ڪندي.