اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پ??ڪس??ان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرو??ت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نئين موقعن ۽ مندين جي ڳولا، مصنوعات ۽ خدمتن کي سگهارو بڻائڻ ۽ ملڪ ۾ اقتصادي ۽ سياسي استحڪام کي يقيني بڻائي ٻطرفي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پ??ڪس??ان ۾ برطانيا پاران واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ سان ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پ??ڪس??ان ۾ برطانيا جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر سان هتي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي 2021ع ۾ 3.1 ارب پائونڊ جي سطح کان مختصر عرصي ۾ 10 ارب ڊالر ساليانو تائين وٺي وڃي سگهجي ٿو. هن چيو ته ٻطرفي معاشي لاڳاپن ۾ اضافي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ مستقبل ۾ ترقي جي شرح کي برقرار رکي سگهبو. صدر چيو ته برطانيا جي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ واپاري اسڪيم پ??ڪس??ان کي ٽيرف ۾ گهٽتائي ۽ آسان شرطون فراهم ڪندي، واپاري اسڪيم سان پ??ڪس??ان مان برطانيا کي 94 سيڪڙو کان وڌيڪ شين جي ڊيوٽي فري برآمد ممڪن ٿي سگهندي. صدر برطانيا جي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ واپاري اسڪيم ۾ پ??ڪس??ان جي شموليت کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آزاد واپاري معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي لاءِ اڳڀرائي تيز ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته 120 برطانوي ڪمپنيون پ??ڪس??ان ۾ اٽڪل 10 ارب ڊالر جي مجموعي سيڙپڪاري سان ڪم ڪري رهيون آهن. صدر چيو ته مالي سال 21 – 2020ع ۾ ايف ڊي آئي ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿيو جيڪو 117 ملين ڊالر کان وڌي 143 ملين ڊالر ت??ئين پهچي ويو. صدر مختلف شعبن ۾ لاڳاپا اڳتي وڌائڻ جي لاءِ 10 سالا روڊ ميپ تيار ڪري ٻطرفي پارٽنرشپ بهتر بڻائڻ جي ضرو??ت تي زور ڏيندي چيو ته پ??ڪس??ان ۽ برطانيا جي وچ ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون ۽ دهشتگردي جي اتمي ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملاقات دوران صدر پ??ڪس??اني شاگردن جي ذهانت کي وڌائڻ ۽ ملڪ جي تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ برطانيا ۾ اعليٰ تعليم ي??فت?? ۽ باعلم پ??ڪس??انين کي شامل ڪرڻ ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي آف پ??ڪس??ان جي ذريعي انهن جي علم، مهارت کي منتقل ڪرڻ جي لاءِ هڪ نظام ٺاهڻ جي ضرو??ت تي پڻ زور ڏنو. هن فيڪلٽي جي مٽاسٽا ۽ آءِ ٽي سمت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهم شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ٻنهي يونيورسٽين سان برطانيا جي اعليٰ تعليمي ادارن جي وچ ۾ رابطا پيدا ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۾ ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿيا، عالمي برادري کي گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي، عالمي برادري کي موسمياتي تبديلين جي خطرن ۾ ورتل ملڪن ۾ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مدد ڪرڻ گهرجي. برطانوي هاءِ ڪمشنر ان موقعي تي چيو ته پ??ڪس??ان پنهنجي انگريزي ڳالهائيندڙ افرادي قوت ۽ وچ اوڀر سان ويجهڙائي جي ڪري برطانوي ڪمپنين پاران سيڙپڪاري جي لاءِ موزون ملڪ آهي. هن چيو ته معاشي ۽ سياسي استحڪام ۽ پائيدار پاليسين سان پ??ڪس??ان ۾ برطانيا پاران سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ وڌيڪ مدد ملندي.