اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان شام لاءِ پاڪستان جي نا??زد سفير ايئر مارشل (ر) شاهد اختر ملاقات ??ئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي پرڏيهي وزير ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته شام ۽ پاڪستان گهري تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، شام سان واپاري ۽ تعليمي مي??ان ۾ گڏيل تعاون جا نوان رستا ڳوليا وڃن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ان موقعي تي نا??زد سفير سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هدايت ڪئي ته هو شام جي نئين سر تعمير ۾ پاڪستان جي ڪردار جي تسلسل کي جاري رکڻ ۾ پنهنجي ڪوششن کي استعمال ۾ آڻي. هن چيو ته شام ويندڙ پاڪستاني زا??رين کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪيو وڃي.