اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ منعقد تقريب دوران هالينڊ، ڊينمارڪ، سوئٽزرلينڊ، فن لينڊ، زمبابوي ۽ سينيگال جي نامزد سفيرن جون سفارتي س??ندون وصول ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي هالينڊ جي س??ير هيني فوڪل ڊي وريس، ڊينمارڪ جي س??ير جيڪب لينولف، سوئٽزرلينڊ جي س??ير جارج اسٽينر، فن لينڊ جي س??ير هنوريپاٽي، زمبابوي جي نان ريزيڊينٽ هاءِ ڪمشنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) مارٽن چيڊونڊو ۽ سينيگال جي نان ريزيڊينٽ سفير ساليونيانگ ڊائينگ پنهنجي مقرري جون سندون پيش ڪيون. ان موقعي تي انهن صدر سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. صدر پاڪستان ۾ هالينڊ جي نامزد سفير سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان هالينڊ سان مختلف شعبن ۾ ڊگهي مدي واري ۽ گهڻ رخي حصيداري جو خواهشمند اهي، هالينڊ يورپي يونين ۾ پاڪستاني مصن??عا?? جي ٻي وڏي برآمدي منزل آهي، اميد آهي ته هالينڊ پاڪستان جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندو. صدر داڪٽر عارف علوي سان پاڪستان ۾ ڊينمارڪ جي نامزد سفير پڻ ملاقات ڪئي. صدر ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ڊينمارڪ سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستاني ٽيڪنالاجي ڪمپنيون پنهنجي سستي ۽ اعليٰ معيار جون خدمتون ۽ مصن??عا?? ڊينمارڪ کي پيش ڪري سگهن ٿيون، صدر اقتصادي لاڳاپا ۽ عوامي رابطا وڌيڪ بهتر بڻائ?? جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفر ۾ آساني پيدا ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏ??و. صدر سان سوئٽزرلينڊ جي س??ير پڻ ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان سوئٽزرلينڊ سان معيشت، واپار، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ انساني امداد جي شعبن ۾ حصيداري کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. صدر چيو ته سوئس ڪمپنيون پاڪستان جي س??احت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿيون، پاڪستان ۾ سڄي دنيا مان سياحن کي راغب ڪر?? جي ڀرپور صلاحيت آهي، پاڪستان سوئٽزرلينڊ جي س??احت ۽ مهمان نوازي جي صنعت مان سکي سگهي ٿو. صدر سان پاڪستان ۾ فن لينڊ جي س??ير پڻ ملاقات ڪئي. صدر پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ ٻطرفو واپاري ڪاٿو وڌيڪ وڌائ?? جي ضرورت تي زور ڏ??ندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطا وڌائ?? جي ضرورت آهي. صدر سان پاڪستان ۾ زمبابوي جي هاءِ ڪمشنر پڻ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان زمبابوي سان زرعي، دواسازي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. صدر سان پاڪستان ۾ سينيگال جي س??ير پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان سينيگال کي اولهه آفريقي خطي جو اهم ملڪ سمجهي ٿو، هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر غيرملڪي س??يرن سان ملاقاتن دوران موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪر?? جي لاءِ عالمي حصيداري وڌيڪ مضبوط ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏ??ندي چيو ته عالمي برادري پاڪستان سميت ماحولياتي تبديلي کان متاثر ملڪن جي مدد ڪرڻ جو عزم ڪري. صدر سفيرن کي گرين هائوس گئسن جي اخراج جي ڪري ايندڙ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ بابت آگاهه ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پاڪستان کي غيرمعمولي ٻوڏ، ٻيلن ۾ باهه، گرمي جي لهر ۽ سوڪهڙي جي صورتحال ۾ موسمياتي تبديليون درپيش آهن، صدر تازي ٻوڏ دوران پاڪستان جي مسلسل مدد تي عالمي برادري جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اميد آهي ته عالمي برادري ٻوڏ کان متاثر آبادي جي امداد، بحالي ۽ انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ پنهنجو تعاون وڌيڪ وڌائيندي.