ڪراچي – 03 – آگسٽ (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير ڪمي??ي اوورسيز جي وائيس چيئرمين، پاڪستان جرنلسٽس فورم سعودي عرب جي صدر ۽ سماجي اڳواڻ معروف حسين چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين کي معاشي سرگرمين ۽ سماجي ۽ سياسي زندگي کا?? محروم ڪرڻ جي ڪڌي ڪوششن کا?? پوري طرح آگاهه آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان سعودي عرب ۾ به مختلف تقريبون منعقد ڪيون ??ين??يون. سعودي عرب جي شهر جده مان ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي اي پي پي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ هن ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ڀائرن ۽ ڀينرن سان پنهنجي اڻٿڪ ۽ مضبوط حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان هتي رياض سفارتخاني ۽ جده قونصليٽ ۾ به مختلف تقريبن جو اهتمام ڪيو پ??و وڃي ته جيئن ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ ڏاڍ جي خلاف موثر آواز اٿار??و وڃي. هن چيو ته اسان جي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان انسانيت جي تاريخ جو هولناڪ ترين سلوڪ رکيو پ??و وڃي ۽ اهي ڊگهي عرصي کا?? غيرانساني گهيراءُ ۾ قيد آهن. هن چيو ته اسان جو ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد ڪشميرين کي ظلمن کا?? فوري ۽ مڪمل آزادي ڏيارڻ آهي ۽ بزدل ڀارتي فوج هٿان ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ آهي. معروف حسين ان اميد جو به اظهار ڪيو ته اسان جا ڪشميري ڀينر ۽ ڀائر پنهنجي جدوجهد جاري رکندا ۽ آخري وقت تائين وڙهندا ۽ ثابت قدم رهندا. جيستائين ڪشمير پاڪستان نه ٿو بڻجي وڃي.