اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) موسميات کاتي سومر 20 کان اربع 22 جون تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وڏي طوفان ۽ گجگوڙ سان برساتن جي سلسلي جي اڳڪٿي ڪندي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ جاري ڪندي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انتظام ڪرڻ جي هد??يت ڪئي آهي. موسميات کاتي پاران جاري ڪيل تازي ايڊوائيزري موجب سومر 20 کان اربع 22 جون تائين ملڪ جي اترئين ۽ وچو وارن علائقن ۾ وسيع پئماني تي طوفان ۽ گجگوڙ سان تيز برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو. تيز برساتن جي ان سلسلي جي ڪري خيبرپختونخواهه، گليات، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيدنگ کانسواءِ ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ ندي نالن/ دريائن ۾ طغياني ۽ نشيبي علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. اين ڊي ايم اي ان صورتحال جي ڏس ۾ سمورين لاڳاپيل وفاقي، صوبائي وزارتن بشمول پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، صوبائي، گلگت بلتستان، اسٽيٽ ۽ ضلعي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز سميت سمورن لاڳاپيل کاتن کي ڪنهن به ??سم جي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ ۽ وقت سر اڳواٽ قدم کڻڻ جي لاءِ هد??يتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن ڪنهن به ??سم جي امڪاني جاني ۽ مالي نقصان کان بچڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. پي ڊي ايم اي ۽ ڊي ڊي ايم اي کي سمورن لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهڻ، ايمرجنسي مشينري ۽ عملي بشمول نشيبي علائقن جي لاءِ ڊي واٽرنگ پمپس جي اڳواٽ موجودگي يقيني بڻائڻ جي هد??يت جاري ڪئي ته جيئن موسم جي ڪري رهائشي علائقن ۾ ٻوڏ واري پاڻي کي منهن ڏيڻ ۽ رستا بلاڪ ٿيڻ جي صورت ۾ وقت سر قدم کڻي سگهجن. لوڪل ريسڪيو سر??سز ڊپارٽمينٽس ٻوڏ خطري ۾ ورتل علائقن جي رهواسين خاص طور تي سياحتي جاين طرف عوام کي غيرضروري چرپر کان محتاط رکڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي آگاهي مهم هلائين. وڌيڪ اهو ته نشيبي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو محتاط رهندي ڪنهن به ??سم جي هنگامي صورتحال کان لاڳاپيل ايمرجنسي سر??سز کي فوري طور تي مطلع ڪن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بشمول موٽروي/ ٽريفڪ پوليس اترين علائقن طرف سفر ڪندڙ مسافرن ۽ سياحن کي امڪاني برساتن ۽ رستن جي تازي صورتحال کان باخبر رکن.