اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي و??ير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي حڪومت 45 مهينن ۾ ملڪي تاريخ جي 71 سالن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 79 سيڪڙو قرضن ۽ رهتن ۾ اض??فو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ناڻي ??اري و??ير چيو ته رڪارڊ جي لاءِ پي ٽي آءِ جي دور ۾ ڪل ملڪي قرض 24953 ارب رپين مان وڌي 44366 ارب رپيا ٿي ويو، جيڪو 78 سيڪڙو اض??فو آهي. هن چيو ته مجموعي قرضن کانسواءِ رهتون 79 سيڪڙو اضافي سان 29879 ارب رپين مان وڌي 53544 ارب رپيا ٿي ويون. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ ??ذر??ل 71 سالن ۾ شامل سمورن قرضن ۽ رهتن ۾ 3.75 سالن ۾ 79 سيڪڙو اض??فو ڪيو آهي.