اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايوان صدر ڪشمير معاملن واري وزارت سان رابطي ۽ مشاورت کانپوءِ آزاد ڄم??ن ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ٻين سياسي نمائندن کي دعوت ڏيندو، اجلاس ۾ والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير جي بي گناهه مسلمانن جي خلاف ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪيو ويندو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بين موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڄم??ن ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آزاد ڄم??ن ۽ ڪشمير صدر کان آزاد ڄم??ن ۽ ڪشمير جي حڪومت لاءِ مناسب بجيٽ مخت?? ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. وزيراعظم آزاد ڄم??ن ۽ ڪشمير چيو ته آزاد ڄم??ن ۽ ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڪشميري پناهگيرن جي وڌندڙ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي مناسب بجيٽ مخت?? ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڀارت جي نيشنل انويسٽي گيشن ايجنسي جي خصوصي عدالت پاران حريت اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي غير قانوني ۽ سياسي بنيادن تي عمر قيد جي سزا جي سخت مذمت ڪئي، هن ان??اني حقن جي عالمي تنظيمن ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته هو ڀارتي سيڪيورٽي فو??سز پاران والاريل ڪشمير جي مسلمانن ۽ ڀارت جي ٻين اقليتن جي خلاف ان??اني حقن جي خلاف ورزين جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺن.