اسلام آباد – 24 – ??ئي (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم سينيٽر يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته عمران خان پنهنجي ش??ست تسليم ڪري، آخري بال تائين وڙهڻ جي دعويٰ ڪندي وڪيٽون کڻي ڀڄي ويو آهي. سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته اڄ مخالف ڌ?? اڳواڻ گرفت??ري?? جي ڳالهه ڪري ٿو، ڇا کيس مريم نواز، خورشيد شاهه ۽ حمزه شهباز کي جهڙي طرح گرفتار ڪيو ويو اهو ياد نه آهي. ملتان ۾ پي ڊي ايم اي جي جلسي ۾ جيڪي رڪاوٽون وڌيون ويون اهي سڀني کي ياد آهن، پي ٽي آءِ 120 ڏينهن ڌرڻو هنيو پر ڪنهن ر??اوٽون نه وڌيون، پي ٽي آءِ ڊڪٽيٽ نٿي ڪري سگهي ته چونڊُون ڪڏهن ڪرايون وڃن، هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ قانون ۽ آئين موجب منظور ٿي، جيڪي اتحادي ڇڏي ويا انهن کي غدار قرار ڏئي رهيو آهي، عمران خان پنهنجي ش??ست تسليم ڪري وٺي، اڄ ڊيوڊلو کان به هو استعيفا گهري رهيو آهي، سڀاڻي جوبائيڊن کان به استعيفا گهري سگهي ٿو.