اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) مصر جو پرڏيهي وزير سامح شڪري اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين سيشن ۾ شرڪت جي لاءِ آچر ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو. سندس اچڻ تي وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي واري خاص نمائندي علامه طاهر محمو?? اشرفي سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي علامه طاهر محمو?? اشرفي چ??و ته پاڪستان ۽ مصر ڀائراڻا لاڳاپا رکن ٿا. هن چ??و ته مصر جو پرڏيهي وزير 24 سالن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي ۽ اسان سندس شاندار استقبال ڪريون ٿا. خصوصي نمائندي چ??و ته او آءِ سي ڪانفرنس ۾ مسلمان امت ک?? درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي ۽ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان مسلمان امت ک?? درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي مصر جي پرڏيهي وزير ان اميد جو اظهار ڪ??و ته ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان مسلمان امت جي ترقي ۾ مدد ملندي.