اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سا?? جمهوريه مصر جي پرڏيهي وزير سا??ح حسن شڪري پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ س??يت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي مصري پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس ??هڙ?? وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪستان پنهنجي قائم ٿيڻ جي 75 هين سا??گرهه ملهائي رهيو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته مصر خطي جو هڪ اهم ڀائر ملڪ آهي. هن چيو ته مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي قابل قيادت ۾ مصر جو سياسي استحڪام ۽ سلامتي طرف سفر خوشي جوڳو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ٻن??ي ملڪن جي عوام گڏيل عقيدي ۽ ثقافتي وابستگين جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهي. ٻن??ي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن جي حوالي سا?? موقف ۾ هم آهنگي اطمينان جو سبب آهي. مصر جي پرڏيهي وزير سا??ح حسن شڪري شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.