اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود چيو آهي ته 48 هين پرڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس مسلمان امت جي مسئلن تي او آءِ سي جي موقف ۽ اسلامي يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي غرض سان پاڪستان جي فعال ڪردار کي اجاگر ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود اسلام آباد ۾ رهندڙ او آءِ سي مشنز جي س??براهن سان ملاقات ڪئي ۽ کين 22- 23 مارچ 2022ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي غرض سان جاري تيارين کان آگاهه ڪيو. ڊسمبر 2021ع ۾ او آءِ سي پرڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس کي ڪاميابي س??ن همڪنار ڪرڻ ۾ او آءِ سي مشنز جي اهم ڪردار کي س??راهيندي پرڏيهي سيڪريٽري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 48 هون اجلاس خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ڇو ته اهو پاڪستان جي آزادي جي 75 هين سالگرهه جي مو??عي تي منعقد ٿي رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام ان پُرمسرت مو??عي تي معزز مهمانن جي استقبال جي منتظر آهي. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته 48 هين سيشن جو موضوع ”اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ حصيداري“ امت جي اندر اتحاد ۽ او آءِ سي ميمبر ملڪن جي لاءِ جامع ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جي عڪاس آهي. افغانستان ۾ انساني صورتحال جي حوالي س??ن او آءِ سي پرڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس ۾ افغانستان جي لاءِ او آءِ سي جي قيادت هيٺ هيومينٽيرين ٽرسٽ فنڊ قائم ڪرڻ، او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي خصوصي ايلچي جي مقرري ۽ ان آءِ سي مشن کي م??بو?? ڪرڻ جي معاهدي تي اتفاق ڪرڻ جي فيصلن کي ياد ڪندي، پرڏيهي سيڪريٽري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 48 هون اجلاس ان قرارداد جي منظوري کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جو قيمتي موقعو فراهم ڪندو. انساني همدردي تحت قائم ٽرسٽ فنڊ کي هلائڻ لاءِ اسلامي ترقياتي بئنڪ پاران ڪم جي آجيان ڪندي، پرڏيهي سيڪريٽري ميمبر ملڪن ۽ افغانستان جي عالمي حصيدارن پاران ٽرسٽ فنڊ لاءِ ٺوس واعدن تي عملدرآمد جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. او آءِ سي مشنز جي س??براهن کي 22 -23 مارچ 2022ع تي منعقد پرڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل پروگرام تي بريفنگ ۽ انتظامي انتظامن جا تفصيل فراهم ڪيا ويا، پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته وفدن جي سمورن سربراهن کي 23 مارچ 2022ع تي روايتي ”يوم پاڪستان“ پريڊ ۾ خصوصي مهمان طور دعوت ڏني ويندي. 48 هين پرڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس مسلمان امت جي مسئلن تي او آءِ سي جي موقف ۽ اسلامي يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي غرض سان پاڪستان جي فعال ڪردار کي اجاگر ڪندو.