بيجنگ – 06 فيبروري (اي پي پي) پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي بيجنگ ۾ پنهنجي چيني هم منصب اسٽيٽ ڪائونسلر وانگ يي سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن پرڏ??هي وزيرن جي سطح تي اسٽريٽجڪ ڳالهين جو ايندڙ دور جلد کان جلد منعقد ڪرڻ ۽ سمورين سطحن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏ??هي وزيرن جي ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادرز آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري مثالي نوعيت جي آهي. هن چيو ته امن ۽ خوشحالي جي حصيدار جي ح??ثيت سان ٻئي ملڪ پوري خطي جي امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ ??ڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن. پرڏ??هي وزير شاهه محمود قريشي ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ”ون چائنا پاليسي“ سميت سدائين چين جي بنيادي قومي مفادن جي ح??ايت ڪئي آهي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهي، پاڪستان ۽ چين ان سلسلي ۾ ويجهو تعاون برقرار رکندا. سي پيڪ جي ح??الي سان شاهه محمود قريشي چيو ته سي پيڪ، بي آر آئ?? جي فليگ شپ منصوبي طور پاڪستان ۽ چين جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ٻئي ملڪ سي پيڪ جي سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۽ ان کي بي آر آئ?? جو اعليٰ معياري ترقياتي منصوبو بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.