اسلام آباد ??? 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مالي ۽ ڊجيٽل شموليت جي ذريعي عو??تن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي، عو??تن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، عو??تن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ حڪومت، سمورا لاڳاپيل ادارا، حصيدار ۽ معاشرو پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري. اها ڳالهه هن يو اين ويمن ۽ عو??تن جي وقار بابت قومي ڪ??يشن (اين سي ايس ڊبليو) جي اهتمام هيٺ ”نيشنل جينڊر پورٽل“ جي افتتاح جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي.
صدر مملڪت ڪمپيوٽر ڪلڪ جي ذريعي پورٽل جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته ڊيٽا پورٽل جو قيام انتهائي خوش آئنده آهي، ڇو ته ڊيٽا کانسواءِ موثر پاليسي سازي ممڪن نه آهي، صدر چيو ته اسلام پهريون مذهب هو جنهن 14 سئو سال پهرين عو??تن کي انهن جا حق ڏنا. قرآن ڪريم ۾ عو??تن کي وارثت جا حق ڏيڻ جو حڪم آهي جيڪو عو??تن کي بااختيار بڻائي ٿو. صدر چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح به عو??تن کي بااختيار بڻائڻ جو حامي هو ۽ هُن جو چوڻ هو ته جيستائين اسان پنهنجي عو??تن کي بااختيار نه بڻائينداسين ان وقت تائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. صدر چيو ته عو??تن کي بااختياربڻائن جي لاءِ وراثت ۾ ان جو حق ضرور ڏيڻ گهرجي، پاڪستان ۾ وراثت جو قانون پهرين کان موجود آهي تنهن هوندي به ان جي موثر لاڳو لاءِ عملي قدمن سان گڏوگڏ عو??تن ۽ شهرين ۾ قانون جي باري ۾ آگاهي به ضروري آهي. صدر چيو ته خاتون محتسب ۽ ص??با??ي سطح تي عورت محتسبن جي ذريعي وراثت جي قانون تي موثر عملدرآمد ٿي سگهي ٿو، شهرين کي ان باري ۾ علم هجڻ گهرجي حڪومت جيڪي قانون ٺاهيا آهن ان موجب ڪنهن به عورت جي جائيداد تي قبضي کي محتسب خالي ڪرائڻ جو اختيار رکي ٿي. صدر عو??تن جي تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته عو??تن ۽ ٻارڙين کي تعليمي موقعن جي فراهمي ۾ حڪومت سان گڏوگڏ خاندان ۽ معاشري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسڪولن مان ڇوڪرين جي نڪرڻ جي شرح وڌيڪ آهي جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ گڏجي ڪ??ششون ڪرڻ گهرجن،
صدر چيو ته عو??تن کي بااختيار بڻائڻ ۾ انهن جي صحت جو ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو، عو??تن کي صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي ضروري آهي، صدر عو??تن کي بااختيار بڻائڻ ۾ احساس پروگرام جو خصوصي طور تي ذڪر ڪندي چيو ته احساس پروگرام تحت عو??تن کي روڪ مدد جي ذريعي بااختيار بڻايو پيو وڃي، اها ڳالهه انتهائي خوش آئنده آهي ته ڪار??با?? لاءِ حاصل ڪيل قرض جي واپسي جي شرح عو??تن ۾ وڌيڪ آهي. احساس پروگرام تحت ايندڙ مرحلي ۾ عو??تن کي ڌار ڌار بئنڪ اڪائونٽس جي قيام جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن هو خاندان جي دٻاءُ کان آزاد ٿي ڪري مالي طور تي خودمختياري حاصل ڪري سگهي. مالي ۽ ڊجيٽل شموليت جي ذريعي عو??تن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي، صدر چيو ته ناخوانده عو??تن کي هنر فراهم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، انهي هنر کي استعمال ڪندي اڻ پڙهيل عورتون معاشي خودمختياري جي منزل جلد حاصل ڪري سگهن ٿيون. صدر چيو ته اها ڳالهه انتهائي ضروري آهي ته معاشرو عو??تن کي پيداواري عمل ۾ شموليت جا موقعا فراهم ڪري، پاڪستان مسلسل تبديلي جي طرف گامزن آهي ۽ مون کي اميد آهي ته عو??تن کي مالي طور تي بااختيار بنائڻ ۾ حڪومت ، سمورا لاڳاپيل ادارا ۽ حصيدار پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪندا.