اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان ڪمبوڊيا لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ظهير الدين بابر ٿهيم پ??ڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير ڪمبوڊيا لاءِ سفير نامزدگي تي ظهير الدين بابر ٿهيم کي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته سندس سفير طور نامزدگي سان پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا جي وچ ۾ ٻطرفا رابطا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. پرڏيهي وزير نامزد سفير کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مذهبي سياحت ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ ج?? هدايت ڪئي. ڪمبوڊيا لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ظهير الدين بابر ٿهيم پ??ڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي ان جي اعتماد تي پورو لهڻ جي خاطري ڪرائي.