اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پوليو جي خاتمي جي 2 سالا ايمرجنسي ايڪشن پلان جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته اسان سڀني کي گڏجي پوليو وائرس جو خاتمو ڪرڻو آهي، عالمي برادري کي پوليو جي خاتمي ۾ افغان??تا?? جي به مدد ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پنهنجي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم پوليو جي خاتمي جي موثر قدمن تي صوبائي صحت جي کاتن ۽ ضلعي انتظاميه ک?? خراج تحسين پيش ڪندي عالمي حصيدارن جو مالي ۽ ٽيڪنيڪي امداد تي ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته سردي جي موسم ۾ پوليو جي پکيڙ جي شرح گهٽ ٿيندي آهي ۽ ٻارن جي ايمونائزيشن لاءِ اهو ئي موذون ترين وقت هوندو آهي. اسان سڀني کي گڏجي پوليو وائرس جو خاتمو ڪرڻو آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي پوليو جي خاتمي ۾ افغان??تا?? جي به مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن هنگامي صورتحال کان بچي سگهجي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻارن جي ٻين ايمونائزيشن پروگرامز کي به پوليو جي خاتمي جي مهم سان گڏ هلايو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ ڪوريج حاصل ڪري سگهجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ پنج سالن جي لا3 798.6 ملين ڊالر جو پي سي ون منظوري جي لاءِ تيار آهي جنهن ۾ عالمي ادارن ۽ حڪومت پاڪ??تا?? جي مالي مدد شامل آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته سال 2020ع ۾ پوليو جا 84 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته گذ??يل 10 مهينن ۾ ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو جيڪا پاڪ??تا?? جي پوليو جي خاتمي جي حوالي سان وڏي ڪاميابي آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪ??تا?? ۾ پوليو وائرس افغان پناهگيرن جي ذريعي داخل ٿيندو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪ??تا?? کي 36 مهينن جو عرصو بنا ڪنهن پوليو ڪيس جي رپورٽ ٿيڻ جي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ورلڊ هليٿ آرگنائيزيشن پاران ”پوليو فري“ سرٽيفڪيٽ حاصل ٿي ويندو، انجنيئر ان چيف پاڪ??تا?? آرمي اجلاس کي پوليو تيمن کي فراهم ڪيل سيڪيورٽي جي حوالي سان آگاهه ڪيو، عالمي ادارن جي نمائندن پوليو جي خاتمي واري مهم جي موثر قيادت تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو ۽ مڪمل تعاون جي عزم جو اظه??ر ڪيو. عالمي ادارن جي نمائندن جو حڪومت پاڪ??تا?? جي پوليو جي خاتمي وارن قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظه??ر ڪيو ويو، ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ خاص مددگار فيصل سلطان، خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان، پنجاب جي وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخوا جي وڏو وزير محمود خان، گلگت بلت??تا?? جي وڏو وزير خالد خورشيد، بلوچ??تا?? جي صحت واري وزير سيد احسن شاهه، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي، انجنيئر ان چيف پاڪ??تا?? آرمي ليفٽيننٽ جنرل معظم اعجاز، سمورن چيف سيڪريٽرين، بليو ايڇ او، يونيسيف سي ڊي سي، گاوي، بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ روٽري انٽرنيشنل جي اعليٰ عملدارن ۽ سينئر سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.