اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جا??ان سان پن??نج?? ٻطرفي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو ڇو ته مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن، پاڪستان ڪاروبار جا زبردست موقعا پيش ڪيا آهن ۽ جا??اني ڪمپنيون معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي زراعت، آٽوموبائيل، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيڪسٽائيل، ايس ايم ايز ۽ توانائي جي شعبن ۾ ڪاروباري دوستاڻي ماحول مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ جا??ان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڪونينوري مستودا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ جا??ان جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن ۽ ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن مهارت ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن جا??ان حڪومت جي جي ڊي ايس اسڪالرشپ پروگرام ۾ پاڪستان کي شامل ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي جنهن تحت پاڪستان جي 20 شاگردن کي جا??اني يونيورسٽين ۾ گريجوئيٽ ڪورسز ۾ حصو وٺڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. صدر آڪٽوبر 2019ع ۾ پن??نج?? جا??ان جي دور جو حوالوڏيندي چيو ته هن جا??ان جي قيادت سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن جا??ان جي عا??مي تعاون ايجنسي (JICA) ۽ جا??اني ڪمپنين جي ڪردار کي به ساراهيو جنهن پاڪستان ۾ ترقي ۾ ڪردار ادا ڪيو، جا??اني سفير صدر کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ماهيگيري ۽ زرعي مصنوعات جو وڏو روانگي واپار ڪندڙن ۾ شامل آهي، جنهن ۾ چانور، کجور، تر، انب، گوار، سيانتا ۽ لُوڻ شامل آهن، هن ٻڌايو ته ٽوياٽا آٽوموبايل ڪمپني پاڪستان ۾ جديد ترين هائبرڊ ڪارن جي تياري لاءِ 100 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندي، ان کانسواءِ آٽوپارٽس بڻائڻ جي لاءِ ڪمپنين جي مدد ڪندي، هن وڌيڪ چيو ته جا??ان اوساڪا 2025ع ايڪسپو منعقد ڪندي ۽ ايڪسپو ۾ پاڪستان جي شرڪت جي درخواست ڪئي آهي، هن چيو ته سال 2022ع پاڪستان ۽ جا??ان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه ملهائيندي، اميد آهي ته ٻئي ملڪ مناسب طريقي سان سالگرهه ملهائيندا، صدر سفير کي پاڪستان ۾ پن??نج?? مدو پورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪ جا??ان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو.