اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فوا?? حسين چيو آهي ته ??اڪ??تان مستحڪم افغانستان جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، اسان خطي ۽ عالمي طاقتن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو، دنيا ماضي جي غلطي کي ٻيهر ورجائي رهي آهي، اميد آهي ته ??اڪ??تان جي قيادت ۾ ترڪيءَ ۽ علائقائي طاقتن جي ڪوششن سان ٺهندڙ حڪومت جي عالمي طاقتون پڻ حمايت ڪنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته ??اڪ??تان ڊگهي عرصي کان افغانين سان گڏ ڪم ڪيو آهي، جڏهن افغانستان مان روس نڪتو ته تمام گهڻا مسئلا پـٺتي رهجي ويا، هاڻي آمريڪا ۽ نيٽو فوج افغانستان مان تيزي سان انخلا ڪيو آهي، هاڻي ??اڪ??تان ان معاملي تي گهري نظر رکي آهي، ??اڪ??تان افغانستان جي حوالي سان ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??اڪ??تان سالن کان 35 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، اسان جي معيشت وڌيڪ بار نه ٿي کڻي سگهي، ماضي ۾ افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو، دنيا ماضي جي غلطي کي ٻيهر ورجائي رهي آهي. هن چيو ته افغانستان جي ڏکي صورتحال جي ڪري ٺوس ۽ مخلوط حڪومت ضروري آهي، افغان مسئلي جي حل لاءِ عالمي برادري جون ڪوششون ضروري آهن. چوڌري فوا?? حسين چيو ته موجوده صورتحال جي ڏس ۾ افغانستان کي شدت پسند تنظيمن جو مرڪز بڻجڻ نه گهرجي، ??اڪ??تان مستحڪم افغانستان جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، اسان خطي ۽ عالمي طاقتن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، افغانستان ۾ بدامني نه رڳو ??اڪ??تان پر دنيا جي لاءِ نقصانڪار آهي. هن چيو ته هن وقت پناهگيرن ??و ڪو بحران نه آهي، اسان جي سرحدن تي معمول موجب ڪم جاري آهي، اسان ڪابل مان پرڏيهين ۽ غيرملڪي ادارن ۾ ڪم ڪندڙن کي ڪڍيو آهي، پي آءِ اي جي ذريعي 4500 ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍيو ويو آهي. چوڌري فوا?? حسين چيو ته پناهگيرن جي لاءِ سرحد تي انتظام ڪي?? آهن، افغان پناهگيرن جي حوالي سان ٺوس حڪمت عملي جوڙي آهي، ماضي وانگر صورتحال پيدا نه ٿيندي، دنيا ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??اڪ??تان جي مدد جي لاءِ اڳتي اچي. هن چيو ته افغانستان بابت وزيراعظم عمران خان جي مشوري کي نظرانداز ڪيو ويو، اشرف غني افغانستان ۾ عام چونڊون نه ڪرايون، ٺوس حڪومت نه جوڙي وئي، اهي ٻه قدم نه کڻن سان وڏا مسئلا پيدا ٿيا. هن چيو ته ??اڪ??تان ڪوشش ڪري رهيو آهي ته افغانستان ۾ ٺوس حڪومت جي حمايت ڪئي وڃي، روس، چين، ??اڪ??تان ۽ افغانستان تي ٻڌل ٽرائيڪا پلس اهم آهي، ان حوالي سان نار ملڪن ۽ ايران جو پڻ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان ۽ ترڪي ان معاملي تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، ??اڪ??تان ۽ ترڪي افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهن، افغانستان ۾ حڪومت افغانين کي جوڙڻي آهي، ان حوالي سان خطي جي ۽ عالمي طاقتن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ??اڪ??تان جي قيادت ۾ ترڪي ۽ علائقائي طاقتن جي ڪوششن سان ٺهندڙ حڪومت جي عالمي طاقتون به حمايت ڪنديون.