اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ اوورسيز پاڪستانين کي گهر، زمين جي خريداري ۾ تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش هيون، روشن پ??هنجو گهر اس??يم تحت اهي مشڪلاتون آساني ۾ بدلجي وينديون، وزيراعظم عمران خان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ روشن پ??هنجو گهر اس??يم شروع ڪري ڇڏي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ڊيجيٽل پراسيس ذريعي پاڪستان ۾ هائوسنگ ۾ سيڙپڪاري ۽ آسان فنانسنگ حاصل ڪري سگهندا، اسٽيٽ بئنڪ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي س??يت سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ اها اس??يم تيار ڪئي آهي. هن چيو ته روشن پ??هنجو گهر اس??يم ۾ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ رکندڙ اوورسيز پاڪستاني س??ڙپڪاري ڪري سگهن ٿا، روشن پ??هنجو گهر اس??يم ۾ گهر خريد ڪندڙ ڪنهن به وقت پنهنجو گهر وڪرو به ڪري سگهندا، روشن پ??هنجو گهر اس??يم جي لاءِ اڳ کان منظور ٿيل منصوبن جي فهرست جوڙي وئي آهي ۽ وقت سان گڏوگڏ منصوبن ۾ اضافو ٿيندو رهندو.