اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان افغان حڪومت ۽ طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪي?? آهي. دنيا ۾ امن لاءِ پاڪستان جي خدمتن کي تاريخ جي سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو. عمران خان ازبڪستان ۾ اشرف غني کي سمجهائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر هو غلط فهمي جو شڪار رهيو. اسان ته ڪنهن جي زمين تي پاڪستان ۾ مد??خلت ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ اسين پنهنجي زمين جي لاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ جي مد??خلت برداشت نه ڪنداسين. افعانستان پنهنجي مسئلن کي خود حل ڪري ڇاڪاڻ ته پرامن افغانستان ئي پاڪستان لاءِ ضروري آهي. طورخم ۽ چمن بارڊر تي بلڪل امن ۽ سڪون آهي پر ڀارتي ميڊيا طرفان غلط بياني ڪئي وئي جنهن جي ترديد ڪي??ن ٿا. افغانستان ۾ طالبان کي تسليم ڪرڻ يا نه ڪرڻ وزيراعظم عمران خان ۽ پرڏيهي وزارت جو فيصلو آهي.
اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪي??. شيخ رشيد احمد چيو ته وزيراعظم عمران خان کي مبارڪباد ڏيان ٿو اڄ اسان جي حڪومت کي 3 سال پورا ٿي ويا آهن ۽ آئينده 2 سال پڻ عوام جي ڀرپور خدمت ڪنداسين. وزيراعظم عمران خان ازبڪستان ۾ اشرف غني کي سمجهائن جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر هو غلط فهمي جو شڪار آهي. هو هر ڪرپٽ ماڻهو ملڪ مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آه??. گ??رو وزير ٻڌايو ته وزارت جي سموري عملي کي هدايت ڪئي آهي ته ڇهن هفتن اندر ويزا ڏيڻ واري عمل کي مڪمل ڪن. مگر وزيراعظم عمران خان هدايت تي اهو عمل هڪ ڏينهن ۾ مڪمل ڪي?? ويو. جنهن ۾ سمورن سفارتڪارن، پرڏيهي ميڊيا کي ويزا ڏنا ويا ۽ سرڪاري موڪلن ۾ پڻ وزارت جون سموريون آفيسون کليل رهيون، جنهن ۾ آفيسر ۽ عملو ڪم ڪري رهيا آهن.
شيخ رشيد چيو ته پاڪستانين جون 3 بسون طورخم بارڊر تان گذريل ڏينهن صبح جو ڪليئر ڪي??ن ويون جڏهن ته ٻيا جيڪي به پاڪستاني اتي موجود آهن انهن سان افغاني خاندان آهن ۽ انهن کي به سهولتون ڏئي رهيا آهيون. هن وقت 900 سفارتڪارن ۽ عملي جي 613 پاڪستانين کي هتي کڻي آيا آهيون. جيڪو ماڻهو افعانستان مان پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيو آهي ان کي رجسٽرڊ ڪي?? پيو وڃي. هن چيو ته اسان نه ته ڪنهن جي زمين تي پاڪستان ۾ مد??خلت ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ نه ئي اسان پنهنجي زمين تي ڪنهن ٻئي ملڪ جي مد??خلت برداشت ڪنداسين.