اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ملڪ ??فغ????ست??ن ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند نه آهي، پرامن ۽ مضبوط ??فغ????ست??ن جي لاءِ پاڪستان ڀرپور حمايت ڪندو، ??فغ????ست??ن ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ ??فغ??ن اڳواڻن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هو ??فغ????ست??ن سان تعلق رکندڙ سياسي اڳواڻن سان ڳالها??ي رهيو هو جن ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. سياسي اڳواڻن جي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم عمران خان دين، تاريخ، جاگرافيائي، ثقافت ۽ رشتيداري جي مضبوط رابطن جي ذريعي پاڪستان جي عوام پاران ڀائر ??فغ??ن عوام جي لاءِ ڀرپور حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ??ه پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ملڪ ??فغ????ست??ن ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند نه آهي. وزيراعظم چيو ته موجوده صورتحال ۾ ??فغ??ن اڳواڻن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي ??فغ????ست??ن کي پائيدار امن، استحڪام ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ تعميري طور تي گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم ??فغ????ست??ن ۾ ٺوس سياسي حل جي لاءِ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرامن ۽ مستحڪم ??فغ????ست??ن جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي وزيراعظم عمران خان خاطري ڪرائي ??ه پاڪستان ان سلسلي ۾ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪندو. وفد جي ميمبرن وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ امن ڪوششن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو. هنن چيو ته ??فغ????ست??ن جو معاشرو گهڻ نسلي نوعيت جو آهي ۽ اتي ٺوس نظم ۽ ضبط جي ضرورت آهي. ??فغ??ن وفد پاڪستان ۽ ??فغ????ست??ن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش کي پڻ ورجايو.