اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جي ذريعي خطي جو ??ستحڪام تباهه ڪري رهيو آهي، ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب انهن جو ??ق ملڻ تائين آواز اٿاريندو رهندس، پاڪستان ڀرپور طريقي سان ڪشميرين جو ڪيس وڙهندو رهند??. پ??هنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عم??ان خان چيو ته اڄ ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي حوالي سان 5 آگسٽ 2019ع تي ڪيل ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم کي 2 سال مڪمل ٿ?? ويا آهن. انهن ٻن سالن ۾ دنيا ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارت جي قابض فوج جو ??يرمعمولي ظلم ۽ ڏاڍ ڏسي ورتو آهي. دنيا ڪشميرين جي سڃاڻپ کي تباهه ڪرڻ ۽ آبادي جي تناسب کي طاقت جي ذريعي تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن کي پڻ ڏسي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارتي حڪومت پا??ان ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ?? ظلم ۽ ڏاڍ آر ايس ايس جي هندتوا نظريي جو ??سلسل آهي، اڄ ڀارت پنهنجي جابراڻي قدمن ۽ رياستي دهشتگردي جي ذريعي خطي جو ??ستحڪام تباهه ڪري رهيو آهي جيڪو سمورن عالمي قانونن ۽ قدرن جي خلاف ورزي آهي. وزيراعظم چيو ته مون عالمي فورمن تي ڪشميرين جو ??واز اٿاريو آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو ??ق ملڻ تائين آواز اٿاريندو رهندس. هن چيو ته پاڪستان ڀرپور طريقي سان ڪشميرين جو ڪيس وڙهندو رهندو ۽ انشاءَ الله ڪشميرين جي جدوجهد ڪامياب ٿيندي.