ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پي اي ايف ايئر ??ار ڪاليج انسٽيٽيوٽ جو افتتاح ڪري ڇڏ??و آهي، سندس آمد تي ايئر ??ارشل عامر مسعود، ڊپٽي چيف آف دي ايئر اسٽاف (ٽريننگ) پاڪستان ايئر ??ورس سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي خاص مهمان ڊاڪٽر عارف علوي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو جنهن جي ڪري هو منصوبو رڪارڊ مدي ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي معيار موجب پڄاڻي تي پهتو. هن چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ دنيا ان ڳالهه جي گواه آهي ته اسان ڀارتي پائليٽ کي بنا ڪنهن دٻاءُ جي واپس موڪليو. پاڪ فضائيه جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي هن چيو ته 27 في??روري 2019ع کانپوءِ پوري دنيا پي اي ايف جي پيشيورا??ي صلاحيتن جو عملي مظاهرو ڏٺو، صدر اداري جي مختلف شعبن جو دورو به ڪيو ۽ اتي موجود استادن ۽ عملي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي.