اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) نوٽ کي ووٽ سان ڀيٽڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، مخالف ڌر جي مفاد ۾ نه آهي ته اليڪشن شفاف ٿئي ۽ ان ۾ پئسن جو اثر رسوخ نه هجي، هو اهڙن ماڻهن کي چونڊرائڻ چاهين ٿا جيڪي اهليت نه ر??ندا هجن ۽ نه ئي قابليت، انهن جون ترجيحون پنهنجي ??اروبار کي فروغ ڏيڻ آهي، عوام جي مفادن ۽ حقن جو ٻيڙو وزيراعظم عمران خان کنيو آهي، جيڪو روشني جي قوت آهي، ق??مي چونڊن ۽ سينيٽ چونڊن جي باري ۾ اسان جو بيانيو ڪافي واضح ٿي ويو آهي ته ڪير ڪٿي بيٺل آهي، پٽ جي وڊيو کانپوءِ يوسف رضا گيلاني کي ٻي ئي ڏينهن استعيفيٰ ڏيڻ گهربو هو. هو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ ڪامياب ٿيندڙ سينيٽر بئريسٽر علي ظفر سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته گذريل ڪيترن ئي هفتن ۽ مهينن کان عمران خان ۽ سندس حڪومت ان ڳالهه تي زور ڏئي رهي هئي ته چونڊ عمل شفاف هجڻ گهرجي. هن چيو ته شفاف اليڪشن کانپوءِ اسان جي ايوان جو تقدس بحال ۽ 1985ع کان شروع ٿيندڙ پئسي جي ??لچر جو خاتمو ممڪن آهي. پئسن جي ??لچر سان ايوان ۾ ايندڙن جون ترجيحون عوام نه پر پئسو ڪمائڻ هوندو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي اسان جي سياسي ڪلچر کي پئسن سان رنڱي ڇڏيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان 2015ع کان اليڪشن سڌارن جي ??الهه ڪئي ۽ 2018ع سينيٽ اليڪشن ۾ پنهنجي 20 ميمبرن کي فارغ ڪيو. ان کان پهرين يا پوءِ ڪنهن سياسي پارٽي ۾ ائين نه ٿيو. هن چيو ته سينيٽ اليڪشن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم سپريم ڪورٽ کان رهنمائي وٺڻ، ق??مي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ ۽ صدارتي آرڊيننس جاري به ڪيو ويو، جيڪڏهن مخالف ڌر پارٽيون به اتفاق ڪري وٺن ها ته اڄ سينيٽ اليڪشن شفاف ٿي سگهن ها.