اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان ۾ ڪيوبا جي س??ير گيبريل ٽيل ڪيپوٽي جمعي ڏينهن هتي الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر عارف علوي ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل مفادن لاءِ واپار، معيشت، صحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعا??ن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان 2005ع جي زلزلي کانپوءِ ط??ي ٽيمون ۽ پاڪستاني ميڊيڪل شاگردن کي وظيفا فراهم ڪرڻ جي س??سلي ۾ ڪيوبا جي تعا??ن کي ساراهي ٿو.