اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سين??ٽر شبلي ف??از چيو آهي ته ڪورونا حقيقت آهي ان جي باوجود مخالف ڌر پارٽين پاران غير ذميداراڻا بيان ڏنا پيا وڃن، مخالف ڌر پارٽيون پنهنجي قومي ذميدارين کان پاڻ کي آجو سمجهن ٿيون، ڪورونا وبا جي ٻي لهر پوري دنيا ۾ تباهي پکيڙي رهي آهي، مخالف ڌر پارٽين کي عوام کي ڪورونا وائرس کان محفوظ رکڻ ??رف به ڌيان ڏيڻ گهرجي، نجي ٽي وي چئنل ??ان ڳالهائيندي هن چيو ته لڳي ٿو ته مخالف ڌر طئي ڪري ورتو آهي ته ڪنهن به طرح ملڪ کي نقصان پهچائڻو آهي، ڪورونا ??ان عوام جو ته نقصان ٿيندو ئي ان ??ان معيشت تي به اثر پوندو، هن چيو ته اها ئي مخالف ڌر هئي جيڪو چوندي هئي ته مڪمل لاڪ ڊائون ڪريو ۽ اڄ اها ئي مخالف ڌر چئي رهي آهي ته پابندي نه لڳايو، پشاور ۾ جيڪڏهن مخالف ڌر جو جلسو نه ٿيندو ته ڪهڙو نقصان ٿي ويندو.