GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ٽئين عالمي تعاون بابت بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي لاءِ پاڪستاني قيادت جي چين جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي گڏيل اعتماد ۽ اسٽريٽجڪ هم آهنگي کي سگهه ملندي: چيني سفير جيانگ زيدونگ

image

اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيدونگ اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايندڙ مهيني ٿيندڙ عالمي تعاون بابت ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي لاءِ پاڪستاني قيادت جي چين جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي گڏيل اعتماد ۽ اسٽريٽجڪ هم آهنگي کي سگهه ملندي. عوامي جمهوريه چين جي قائم ٿيڻ جي 74 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته چين عالمي تعاون بابت ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي لاءِ پاڪستاني اڳواڻن جي چين جي دورن جي لاءِ بهترين تياري لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان سان سياسي گڏيل اعتماد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، اسٽريٽجڪ هم آهنگي کي سگهه ملندي ۽ پاڪستان ۾ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو ۽ گلوبل سولائيزيشن انيشي ايٽو لاڳو ڪرڻ کي فروغ ملندو. هن وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستان ۽ ٻين حصيدارن سان تعاون ۽ گڏيل ترقي جا خواهشمند آهيون. چيني سفير چيو ته اسان چين ۽ پاڪستان ۾ زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ دوستن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، صدر شي جن پنگ ۽ پاڪستاني اڳواڻن جي وچ ۾ طئي ٿيل اهم اتفاق راءِ کي رهنما اصول طور لاڳو ڪندي نئين دور ۾ گڏيل مستقبل سان هڪ ويجهي چين پاڪستان ڪميونٽي جي تعمير ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي اعليٰ معيار جي ترقي کي وڏي پليٽ فارم طور فروغ ڏيڻ، چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هر موسم ۾ اسٽريٽجڪ تعاون کي مسلسل مستحڪم، مضبوط ڪرڻ ۽ سگهه ڏيڻ، 100 سالا تبديلي ۾ اسان جي گڏيل مفادن جو تحفظ ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن ۽ اسان جي عوام کي بهتر طور تي فائدو پهچائڻ چاهيون ٿا. جيانگ زيدونگ چيو ته خاص طور تي سي پي سي جي 18 هين قومي ڪانگريس کانپوءِ صدر شي جن پنگ جي مرڪزي ڪميٽي جي مضبوط قيادت تحت چين تاريخي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ پارٽي ۽ ملڪ جي نصب العين ۾ تاريخي تبديليون ڪيون آهن. هن چيو ته هاڻي اسان جديدڪاري جي چيني رستي جي ذريعي سمورن محاذن تي چيني قوم جي بحالي کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون. اسان انساني تاريخ ۾ غربت جي خلاف سڀ کان وڏي جنگ کٽي ورتي آهي، هر لحاظ کان هڪ معتدل خوشحال معاشري جي تعمير ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ هر لحاظ کان هڪ جديد سوشلسٽ ملڪ جي تعمير طرف هڪ نئين سفر جي شروعات ڪئي آهي. چيني سفير وڌيڪ چيو ته چين ترقي جي نئين فلسفي تي عمل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته 2012ع کان 2022ع تائين چين جي جي ڊي پي 54 ٽريلين يوآن مان وڌي 114 ٽريلين يوآن ٿي وئي آهي جيڪو عالمي معيشت جو 18.5 سيڪڙو آهي ۽ عالمي اقتصادي ترقي ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ جو حصو آهي. سست عالمي معاشي بحالي جي باوجود چين جي جي ڊي پي ۾ هلندڙ سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ هر سال 5.5 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪا وڏين معيشتن ۾ سڀ کان تيز رفتار آهي. هن چيو ته هن سال صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جي تجويز ۽ سي پيڪ جي شروعات جي 10 هين سالگرهه آهي. جيانگ زيدونگ چيو ته گذريل 10 سالن دوران بي آر آئي جي فريم ورڪ تحت 3000 کان وڌيڪ تعاون جا منصوبا جوڙيا ويا آهن جنهن سان اٽڪل هڪ ٽريلين آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي آهي، ان رستي تي هلندڙ ملڪن جي لاءِ 420000 نوڪريون پيدا ٿيون آهن ۽ اٽڪل 40 ملين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو ويو آهي. ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ ۾ ڪاٿو لڳايو ويو آهي ته 2030ع تائين ”بيلٽ اينڊ روڊ“ منصوبي سان سڄي دنيا ۾ ساليانو 1.6 ٽريلين آمريڪي ڊالر جي آمدني ٿيندي. بي آر آئي جي پائليٽ پراجيڪٽ طور سي پيڪ مجموعي طور تي 25.4 بلين آمريڪي ڊالر جي سڌي سنئين سيڙپڪاري، 155000 سڌوسنئون روزگار جا موقعا، 510 ڪلوميٽر ايڪسپريس وي، 8000 ميگاواٽ بجلي ۽ 886 ڪلوميٽر ڪور ٽرانسميشن گرڊ پاڪستان ۾ آندو آهي، جيڪو پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ مضبوط رفتار پيدا ڪري رهيو آهي ۽ چين ۽ پاڪستان جي هر موسم جي دوستي جي واضح علامت بڻجي ويو آهي. جيانگ زيدونگ چيو ته ”اسان پاڪستان سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي مضبوط ڪرڻ، سي پيڪ جو ”اپ گريڊيڊ ورزن“ ٺاهڻ جي لاءِ تيار آهيون جيڪو ترقي تي ٻڌل، جدت تي ٻڌل، روزگار جا ذريعا وڌائيندڙ، سبز ۽ جامع منصوبو آهي. اسان پاڪستان جي وسيلن جي فائدن کي مالي فائدن ۽ ترقي جي محرڪ ۾ تبديل ڪرڻ ۽ گهٽ مدي واري معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۽ ڊگهي مدي واري آزاداڻي ترقي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت کي مسلسل بهتر بڻائڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته چين پاڪستان سان گڏجي ترقي ۽ سلامتي ۾ توازن پيدا ڪرڻ، سيڪيورٽي تعاون ۽ معاشي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان سان گڏجي مفادن ۽ اهم خدشن جي معاملن تي هڪ ٻئي جي ڀرپور حمايت ڪرڻ، عالمي شفافيت ۽ انصاف کي برقرار رکڻ ۽ خطي ۽ دنيا جي امن ۽ ترقي ۾ وڌ کان وڌ يقين ڏيارڻ ۽ وڌيڪ مثبت توانائي پيدا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. چيني سفير چيو ته گذريل 74 سالن دوران ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا (سي پي سي) جي قيادت ۾ چيني عوام اتحاد سان سخت محنت ڪئي آهي ۽ چيني خصوصيتون رکندڙ سوشلزم جي راهه هموار ڪئي آهي. هن چيو ته اسان ترقي جي عوام تي مرڪوز فلسفي کي لاڳو ڪيو آهي ۽ دنيا جو سڀ کان وڏو تعليمي نظام، سماجي تحفظ جو نظام ۽ صحت جي سارسنڀال جو نظام قائم ڪيو آهي. چيني عوام جي تڪميل، خوشي ۽ سلامتي جي احساس ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. جيانگ زيدونگ چيو ته چين وڌيڪ فعال اوپننگ اپ حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي ۽ 140 کان وڌيڪ ملڪن ۽ خطن جو هڪ اهم واپاري حصيدار بڻجي ويو آهي. بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو هڪ عوامي خيرسگالي منصوبو بڻجي چڪو آهي جنهن جي عالمي برادري ڀرپور آجيان ڪئي آهي. سفير چيو ته اسان پختو يقين رکون ٿا ته صدر شي جن پنگ سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي ۽ پوري پارٽي جو مرڪز آهي ۽ هڪ نئين دور جي لاءِ چيني خصوصيتن سان گڏ سوشلزم بابت صدر شي جن پنگ جي سوچ جي رهنمائي تي عمل ڪندي چيني عوام هڪ مضبوط ملڪ جي تعمير جي عظيم مقصد کي اڳتي وڌائيندي رهندي. هن چيو ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا نه رڳو چيني عوام جي لاءِ خوشي ۽ چيني قوم جي بحالي چاهي ٿي پر انسانيت جي لاءِ ترقي ۽ دنيا جي لاءِ عظيم هم آهنگي پڻ چاهي ٿي. چين جي ترقي کي دنيا کان جدا نه ٿو ڪري سگهجي ۽ دنيا جي خوشحالي کي چين جي ضرورت آهي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں