GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ڪشمير ڪڏهن به ڀارت جو حصو نه هو، نه آهي ۽ نه هوندو، ڀارتي سپريم ڪورٽ جا 4 ڄامڙا ويهي ڪشميرين جي آزادي جي تحريڪ کي ختم نٿا ڪري سگهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

image

مظفر آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪشمير ڪڏهن به ڀارت جو حصو نه هو، نه آهي ۽ نه هوندو، ڀارتي سپريم ڪورٽ جا 4 ڄامڙا ويهي ڪشميرين جي آزادي جي تحريڪ کي ختم نٿا ڪري سگهن، اسان اهڙن فيصلن ۽ اهڙي قانون کي جُتيءَ برابر سمجهُون ٿا، جنهن ۾ ڪشميري عوام جو ڪو عمل دخل نه هجي، ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي حوالي سان ڪشميري قيادت جي مشاورت سان گڏجي حڪمت عملي ٺاهينداسين، ڪشميرين جي خودمختياري جو حق مڃيل آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي دوري دوران سندس ڪشميري ۽ حريت قيادت سان ملاقاتون ٿيون، شاگردن ۽ ڪابينا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي، جنهن سان صورتحال کي بهتر طور تي سمجهڻ ۽ جائزو وٺڻ جو موقعو مليو. منهنجو دورو انتهائي مثبت ۽ تعميري رهيو آهي، آزادي جي تحريڪ کي مضبوط بڻائڻ سڀ کان اهم آهي، مقامي گورننس ۽ ٻين معاملن جي به يقيني طور تي پنهنجي اهميت آهي پر اسان جو اصل هدف پاڪستان جي خواب جي تڪميل ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ امنگن کي عملي جامعو پارائڻ آهي. ان حوالي سان دوري دوران اهم مشاورت ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو ڪو به هڪطرفو فيصلو ڀلي اهو ڪنهن به قانوني اسيمبلي يا عدالت پاران هجي، ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي ۽ نه ان جي ڪا اهميت آهي، اسان اهڙن فيصلن ۽ اهڙي قانون کي اسان جُتيءَ برابر سمجهُون ٿا جنهن ۾ ڪشميري عوام جو ڪو عمل دخل نه هجي، ڪشميري پنهنجي هڪ لک شهيدن جي قربانين کي وساري ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي آڏو ڪڏهن نه جهڪندو، ڪشمير جي حريت قيادت کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، ڪشمير ڀارت جو نه ڪڏهن حصو هو ۽ نه انشاءَ الله رهندو، ڀارت گڏيل قومن جي انتظام هيٺ هڪ عبوري انتظام جي حد ۾ رهي ۽ ان حد کي پار نه ڪري. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي انهن قراردادن تحت ٿيندو جن ۾ ڪشميري عوام جي خودمختياري جو حق تسليم ڪيو ويو آهي، ڪا اسيمبلي ۽ عدالت ڪشميرين جو فيصلو نه ڪندي، پاڪستان ڪشمير جو ڪيس صف اول تي وڙهندو، پنهنجي زمين ۽ پنهنجي ماڻهن جي ڀرپور وڪالت ڪندو، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام پاڪستان کي پنهنجو پوٽينشل سٽيزن سمجهي ٿي، هي مستقبل جا پاڪستاني شهري آهن، اسان انهن جي حقن جي پائمالي جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏينداسين، ان سلسلي ۾ جيڪو به ممڪن ٿيندو ڪنداسين. هن چيو ته انهي سلسلي ۾ ڪشميري قيادت سان هڪ ڊگهو مشاورتي اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسلام آباد ۾ جلد نه رڳو ٻيهر اجلاس ٿيندو پر باقاعده رابطا ٿيندا، جنهن ۾ تحريڪ کي متحرڪ ڪرڻ ۽ اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان سوچيو ويندو. سڀئي طبقا ان ڳالهه ٻولهه ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندا. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته پرڏيهي وزارت ۽ مشنز متحرڪ نظر ايندا، ڪشميري قيادت جي معاونت ۽ رهنمائي به حاصل ڪنداسين. آزاد ڪشمير ڪابينا سان معاشي پئڪيج ۽ مختلف منصوبن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ان حوالي سان مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سان اسان ويجهي رابطي ۾ آهيون، جيڪو به تعاون اسان پاران ضروري هوندو فراهم ڪنداسين. ترقياتي منصوبن جي حوالي سان ڪابينا ڪميٽي جوڙي وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ڪشميرين جي پنهنجي تحريڪ سان وابستگي مڃيل آهي. ڪشميري بهادر ۽ پرعزم آهن، تحريڪن ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، ڪشمير ڪاز تمام وڏو آهي، تحريڪ جي دوران مختلف مرحلا ايندا رهيا آهن پر تحريڪ ڪڏهن به ختم ناهي ٿي، اها تحريڪ سدائين زندهه رهندي، ڪشميري عوام پنهنجي هڪ لک جي لڳ ڀڳ شهيدن، عورتن جي بي حرمتي، 15 هزار کان وڌيڪ جبري گمشدگيون، گڏيل قبرون ۽ ظلم ۽ ڏاڍ کي وساري گهرن ۾ نه ويهي رهنداسين. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ پنهنجو قبضو برقرار رکڻ ۾ ناڪام ٿيندو، دنيا ڪشمير تي ڀارت جي موقف کي تسليم نه ٿي ڪري، ڀارتي سپريم ڪورٽ جا 4 ڄامڙا ويهي قومي تحريڪ کي ختم نٿا ڪري سگهن. ڪشمير جي تاريخ صدين تي ٻڌل آهي، ڀارت جي هڪطرفي قدمن سان آزادي جي جدوجهد کي وڌيڪ سگهه ملندي ۽ جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو خواب ۾ آهن ته اهي به جاڳن. ڪشمير نسل در نسل آزادي جي تحريڪ کي جيئرو رکيو آهي، ڀارت کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي ته ان تحريڪ کي ڪيئن ختم ڪيو وڃي. پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام ڪشميرين سان گڏ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسان نئين توانائي سان گڏجي ڪشمير جي لاءِ ڪم ڪريُون ۽ گڏجي هڪ متفقه حڪمت عملي جوڙي وڃي.

مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل
متعلقہ مضامین
مزید خبریں